چنيوٽ: ڪلروالا ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي علائقي ڪلرووالا ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا قتل جڏهن 2 ٻه زخمي ٿي پيا آهن.

ڪلروالا جي علائقي تاج نگر  ۾ فائرنگ سبب ٻه ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار امجد ۽ سندس ساٿين عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.