رپورٽ:گهارو: گيسٽرو سبب 10 کان وڌيڪ مريضن رورل هيلٿ سينٽر ۽ خانگي اسپتال داخل

گهاري ۾گيسٽرو سبب 10  مريضن کي  رورل هيلٿ سينٽر ۽ خانگي اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي.

گيسٽرو جي حملي ۾ ڇهه ٻار ۽ چار وڏا مريض شامل آهن، اسپتال ۾ انجيڪشن ۽ گورين جي کوٽ سبب مثاثر مريضن جا وارث  پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا.

هڪ مريض جي وارث ٻڌايو تھ هو غريب مسڪين  آهي ، اجڪيشن وٺڻ جي منجهس طاقت ناهي ، انتظاميھ جواب ڏئي ڇڏيو، هو پاڻ انجيڪشن وٺي آهي.

گيسٽرو ۾ دانش ، رميش سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

ڄاڻُ ذريعن وٽان امعلوم ٿيو آهي تھ عام استعمال جون دوائون بھ اسپتال عملو ڊونيشن وٺي فراهم ڪري رهيو آهي……..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.