پشاور : پوليو ري ايڪشن ڊرامو،اسپتال کي باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ وڌيڪ 9 جوابدار گرفتار

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور جي علائقي ماشو خيل ۾ پوليو وئڪسين پيئڻ سبب ٻارن جي طبعيت خراب ٿيڻ وارو ڊرامو ڪندڙ ۽ ان جي آڙ ۾ اسپتال کي باهه ڏيندڙ وڌيڪ 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس پي پشاور صاحبزادا سجاد جو چوڻ آهي ته صحت مرڪز ماشو خيل ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل 9 جوابدارن ۾ اسڪول پرنسپال جو ڀاءُ به شامل آهي. ايس ايس پي پشاور موجب گرفتار ڪيل 9 جوابدارن کي ويڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ 2 پستول هٿ آيا آهن جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدارن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.

صاحبزادا سجاد جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن مان پنج ڄڻا ايف آءِ آر ۾ نامزد آهن جڏهن ته گڏيل طور تي ٻارنهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.