جسٽس قاضي امين سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس قاضي محمد امين سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جسٽس قاضي امين کان سندس عهدو جو حلف ورتو.

حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صدر عارف علوي جي منظور کانپوءِ قانون واري وزارت جسٽس قاضي محمد امين جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو هو ٻه ڏينهن اڳ جاري ڪيو هو.

اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جي ريٽائرمنٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي جج جي سيٽ خالي پيل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.