شهباز خاندان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

لاهور(م ڊ) شريف خاندان خلاف مني لانڊرنگ جي الزام ۾ پنجون جوابدار آفتاب محمود به گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف، سلمان، حمزه شهباز خلاف اڳڀرائي ٿي آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار گڏيل رضامندي سان ڪروڙين رپيا غير قانوني طور شريف خاندان جي اڪائونٽن ۾ منتقل ڪندا رهيا، جوابدار شاهد شفيق کي 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو، جاچ دوران اهم شاهديون مليون آهن، نيب جو چوڻ اهي ته جاچ اڳتي وڌائڻ لاءِ جوابدار آفتاب محمود کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، آفتاب محمود غير قانوني طور حمزه شهباز، سلمان ۽ حمزه شهباز جي اڪائونٽن ۾ بوگس ٽي ٽي لڳائيندو رهيو،هو هڪ ئي وقت فارن ڪرنسي ايڪسچينج لنڊن ۽ برمنگهم کان آپريٽ ڪندو رهيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.