جهڏو (رپورٽ : اسحاق ساگر ڀٽي ) پنگريو جي ڳوٺ ۾لالچي چاچن 13 ورهين جي يتيم معصوم ڀائيٽي کي 5 لک عيوض 80 ورهين جي پيرسن کي وڪرو ڪري نڪاح ڪرائي ڇڏيو، چاچي ۽ ڦڦي جو احتجاج، تفصيل موجب، پنگريو شھر ڀرسان ڳوٺ محمد عمر دلواڻي جي رهواسي غلام حسين ۽ سندس ڀيڻ مسمات نور ڀري دلواڻي ميڊيا سينٽر جهڏو تي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل خميس واري ڏينهن منهنجي 13 ورهين جي نابالغ معصوم يتيم ڀائيٽي زاهدان ڌيءُ مرحوم ميرڻ دلواڻي کي سندس ويڳي ڀائرن حاصل دلواڻي، پتاشو دلواڻي ۽ علي حسن دلواڻي لالچ ۾ اچي 5 لک رپين عيوض نئون ڪوٽ شهر جي ڳوٺ شير محمد بلالاڻي جي هڪ 80 ورهين جي جهور پوڙهي شادي شده الهرکيو دلواڻي سان زبردستي نڪاح ڪرائي پرڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته گذريل ڏينهن جڏهن اسان پنهنجي ڀائيٽي سان ملڻ لاءِ وياسين ته سندس مڙس اسان کي ملڻ نه ڏنو ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان دوران اسان جي نياڻي زاهدان مسلسل اسان جي سامهون روئيندي رهي، هن روئيندي چيو ته مون سان ڏاڍو ظلم آهي، مونکي هڪ پيرسن شخص سان زوري پرڻايو ويو آھي، جيڪو موالي ۽ ظالم آهي، مون تي تشدد ڪري ٿو، مونکي هن ظالم شخص جي قيد مان آزاد ڪرايو وڃي، مسمات نور ڀري چيو ته منهنجو سڳو ڀاءُ ڪجھه عرصو اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد ڄاڻايل ويڳا ڀائر منهنجي ڀاڄائي ۽ سندس اولاد تي ظلم ڪري رهيا آهن ۽ هنن کي قيد ڪري رکيو آهي، هن چيو ته سندس ويڳا ڀائر وڏا ظالم ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، جنهن سبب سخت خوف ۾مبتلا آهيون، خدشو آهي ته اسان کي مارائي نه ڇڏين، هنن جي خوف سبب اسان اڃا تائين پوليس وٽ به نه ويا آهيون، هنن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.