سيوهڻ (ن ع آ) صوفي بزرگ قلندر لعل شهباز رح جو 767 هون عرس مبارڪ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، سنڌ جو گونر عمران اسماعيل اڄ سيوهڻ پهچي مزار تي چادر چاڙهي ميلي جي رسمن جو باقاعده افتتاح ڪندو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدت مندن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته هر طرف دمادم مست قلندر جا نعرا لڳي رهيا آهن. عقيدت مند ڌمالون هڻي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن، اڄ سگهڙن جي ڪچهري ٿيندي، سڀاڻي ادبي ڪانفرنس ۽ ٽين ۽ آخري ڌمال تي موسيقي جي محفل ٿيندي، جڏهن ته شربت جون سبيلون لڳايون ويون آهن. هوڏانهن سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي زائرين جي تفريح جو مرڪز بنيل سرڪس نه لڳڻ ڏنو ويو آهي، هر سال ميلا گرائونڊ ۾ سرڪس لڳايو ويندو هو جيڪو لکن جي تعداد ۾ ايندڙ زائرين جي تفريح جو سبب بڻجندو هو پر هن سال سيڪيورٽي سبب ڪري ميلي ۾ سرڪس نه لڳي سگهيو آهي جنهن جي ڪري زائرين سميت شهري سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، زائرين ۽ شهرين انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته تفريح جو مرڪز بنيل سرڪس ٻئي سال بحال ڪري زائرين ۽ شهرين مان بيچني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قلندر لعل شهباز جي سالياني عرس جي موقعي تي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته انڊس هاءِ وي تي حادثن کي روڪڻ لاءِ پانڌيئڙن ۽ ٻين مسافرن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موٽر وي پوليس جا 300 اهلڪار مقرر هوندا. سيوهڻ شهر ۾ چاليهه هيٽ اسٽروڪ سينٽر ۽ ڪئمپ اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 20 هزار زائرين لاءِ ٽينٽ سٽي به قائم ڪيو ويو آهي. اُن موقعي تي ڊي آءِ جي حيدرآباد بريفنگ ڏني ته عرس جي موقعي تي سيوهڻ ويندڙ سمورن رستن تي گاڏين جي جهڙتي ورتي ويندي، 25 لکن تائين زائرين جي پهچڻ جي اُميد آهي ۽ انهن انگ اکرن کي نظر ۾ رکندي مڪمل اپاءَ ورتا ويا آهن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي اڙل واهه ۽ سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لڳايو ويو آهي، عرس جي موقعي تي پانڌيئڙن جي سيڪيورٽي پهرين ترجيح آهي.0630