رپورٽ: خيرپور: عوام جي دانهن تي ڊي سي ڪهڙو ورتو نوٽيس؟؟

خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر پاران سوراهه چوڪ کان نارا گيٽ تائين روڊ جي زبون حالي جو نوٽيس وٺندي هلندڙ اڏاوتي ڪم ترت پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي

ڊي سي خيرپور عوامي شڪياتن جو فوري نوٽس وٺندي تعميراتي ڪم  جو جائزو وٺي مٽيريل جي چڪاس ڪئي.

ڊپي ڪشمنر ميٽريل چڪاس ڪندي روڊز کاتي جي انجينئرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته 44 ڪلوميٽر روڊ جي تعمير ٻن مهينن اندر مڪمل ڪري عوام جي سهولت لاءِ روڊ ڪوليو وڃي.

 ڊي سي خيرپور چيو ته عوامي ڀلائي وارين رٿائن جلد پورو ڪرڻ ضلعي انتظاميه جو فرض آهي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

 هن ايگزيڪٽو انجينئر روڊز ۽ ٺيڪيدار کي هدايت ڪئي ته سمورا ڪم وقت سر مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي ترقياتي اسڪيمن مان فائدو پهچي سگهي………………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.