نوابشاهه ڀرسان ٻني تي هر ڪاهيندي پيرسن ڳجهي نموني فوت ٿي ويو.
ڄاڻ تي وارثن پهچي فوتي ڏتل چانڊيو جو لاش کڻائي پي ايم يو اسپتال پهچايو.
فوتي جي ڀاءُ محمد اقبال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءُ سروي زمين تي هر ڪاهي رهيو هو، جنهن کي آبپاشي عملدارن يرغمال بڻايو جنهن سبب هو دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي.
هن چيو بااثر آبپاشي عملدار سندس پيرسن ڀاءُ کي پهريان به بنا سبب ڌمڪائيندو هو، جنهن خلاف دانهڻ باوجود ڪو به عمل نه ٿيو تنهن ڪري اڄ سندس ڀاءُ فوت ٿيو آهي.
متاثر اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئ ته ڀاءُ کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قتل جو ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي