رپورٽ: چمبڙ ۾ حيسڪو عمل ڪيئن بڻيو شهرين لاءِ آزار؟؟؟

چمبڙ ۾ ڳوٺاڻن پاران لوڊشيڊنگ خلاف حيسڪو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مختلف ڳوٺن جي برادرين مير مرتضيٰ اوٺي، دلدار سولنگي، لياقت يونس، گونجو ڪڇي، حاجي غلام رسول حسين ۽ ٻين جي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيسڪو سب ڊويزن چمبڙ جي فيڊر مان بنا جواز 20 – 20 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته ڳوٺن ۾ گذريل 8 ڏينھن کان بجلي جي سپلائي به بند آھي، جنهن بابت دانهن باوجود کڙ تيل ناهي نڪتو.

ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي چمبڙ پھچي ايس ڊي او حيسڪو سان رابطو ڪيو ۽ صبح تائين مسئلي جي حل جي خاطري وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو……………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.