ڄامشوري ۾ طلاق وٺي قتل جو الزام مڙهيندڙ عورت جي وارثن سندس ڳولا جي اپيل ڪئي آهي.
ڄامشوري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ورت فاطما لنڊ جي امڙ وزيران، اڳوڻي مڙس حسن علي بخش ۽ سندس ڀاءُ حسين لنڊ ٻڌايو ته فاطما کي عظيمان لنڊ ۽ سندس ڏير عبدالغفار لنڊ ملڪيت تي قبضي لاءِ مڙس خلاف ورغلائي طلاق وٺرائي.
هنن چيو ته جوابدارن سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي فيز ٽو ۾ فاطمه جي اڳوڻي مڙس حسن علي جي بنگلي تي اعليٰ آفيسر جو قبضو ڪرائي، سندن نياڻي کي گم ڪري ڇڏيو آهي.
وارثن چيو ته بااثر پهرين ٿاڻي تي بيان ڏنو ته هو ڪرائي تي ويٺل آهي، پر هاڻ هو 50 لک رپين ۾ خريد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري پيو.
فاطمه جي وارثن اپيل ڪئي ته نياڻي گم آهي، کيس قتل ڪرڻ جو خدشو آهي، سندس ڳولا ڪري گهر واپس ڪرايو وڃي………………