ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن چيو آهي ته سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جو گذريل مهيني ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سان واسطو هجڻ جو ڪو ڳجهو اطلاع ناهي مليو.
آچر ڏينهن سريلنڪا ۾ هڪٻئي پويان ٿيل 8 بم ڌماڪن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن بابت سريلنڪن حڪومت شروعاتي جاچ جو حوالو ڏيندي چيو هو ته اها حملا نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن تي ٿيندڙ حملن جي موٽ ۾ ڪيا ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جي ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت سريلنڪا جي بچاءَ واري وزير طرفان ڏنل بيان تي غور ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته سريلنڪا ۾ ٿيندڙ حملا جاچ جي شروعاتي مرحلي ۾ آهن پر نيوزيلينڊ کي اهڙو ڪو ڳجهو اطلاع ناهي مليو.
سندس موجب نيوزيلينڊ هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مخالفت ڪري ٿو، ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي ٿيل حملن کي نظر ۾ رکندي پرتشدد ماڻهن خلاف سخت مذمت سامهون آئي ۽ ان واقعي کانپوءِ سڄي دنيا ۾ امن جو پيغام ڏنو ويو، جنهن سبب اسان سڀ متحد ٿياسين.