راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان سعودي عرب عرب جي بچاءِ واري نائب وزير محمد بن عبدالله العيش ملاقات ڪئي.
پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سان سعودي بچاءِ واري نائب وزير جي ملاقات جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سان سعودي بچاءَ واري نائب وزير جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.