ڪي پي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻن استعيفائون ڏئي ڇڏيون

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه (ڪي پي ڪي) اسيمبلي ۾ مخلاف ڌر اڳواڻ اڪرم خان دراني سميت مخالف ڌر جي 18 ميمبرن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت طرفان ترقياتي فنڊ جاري نه ڪرڻ تي اسٽيڊنگ ڪميٽين تان احتجاجن استعيفائون اسپيڪر ڏانهن موڪلي ڇڏيون.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني وٽ جن ميمبرن جون استعيفائون جمع ڪرايون ويون آهن انهن ۾ جميعت علماءِ اسلاف (ف)، جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين جا ميمبر شامل آهن.

ڪي پي اسيمبلي ۾ ڊيڊ لاڪ ڪميٽين جا ٽي چيئرمين اي اين پي جو لائق محمد خان، متحده مجلس عمل جي پليٽ فارم تان چونڊيل محمود احمد خان ۽ پ پ پ سان تعلق رکندڙ بادشاهه صالح به استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

مخالف ڌر ميمبرن خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني کي چيو ته ترقياتي فنڊ نه ملڻ تي اسٽيڊنگ ڪميٽين تان احتجاجن مستعفيٰ ٿي رهيا آهيون.

اسپيڪر مشتاق غني جو چوڻ هو ته مخالف ڌر ميمبرن استعيفائون ڏيڻ ۾ جلد بازي جو مظاهرو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي جيڪڏهن شڪايت حڪومت سان آهي ته اسيمبلي جي ڪميٽين تان ڇو مستعفيٰ ٿي رهيا آهن پر انهن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ اميد آهي ته مخالف ڌر پنهنجون استعيفائون واپس وٺي ڪميٽين ۾ واپس ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.