جمعيت علماءَ اسلام ف جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته عمران خان چونڊن وقت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ناڪام ٿي ويو آهي، سليڪٽڊ وزيراعظم کي ڪابينا سوڌو استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
غوثپور ويجهو ڳوٺ مارک ڀيو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا غفور حيدري چيو ته ملڪ تي مڙهيل حڪمرانن مهانگائي سبب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ورهائڻ جو ڳالهيون ڪندڙ احمق آهن، هو سنڌ جي ورهائڻ واري مطالبي جا مخالف آهن.
جي يو آءِ ف اڳواڻ سريلنڪا ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن کي گڏجي منهن ڏئي سگهجي ٿو.
مولانا غفور حيدري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زبردستي مذھب تبديل واري عمل جي حمايت نه ڪنداسين۔ ڪير خوشي سان اسلام قبول ڪري ٿو ته ڀليڪار ڪبو……………………