جيڪڏهن دارالصحت اسپتال بروقت درست علاج ڪري ها ته نشوا جو سر بچي پئي سگهيو….. رپورٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دارالصحت اسپتال جي غفلت جي ڪري 9 مهينن جي نشوا جي فوتگي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي جوڙيل ماهرن تي ٻڌل ٻه رڪني جاچ ڪميٽي شروعاتي رپورٽ صحت کاتي جي حوالي ڪري ڇڏي.

ٻه رڪني ڪميٽي ۾ شامل سول اسپتال جي ماهر ڊاڪٽر ايم اين لال ۽ ٻارن جي صحت واري قومي اداري جي ڊاڪٽر جمال رضا جي جاچ رپورٽ موجب نشوا جي طبيعت دارالصحت اسپتال ۾ لڳايل انجيڪشن جي سبب خراب ٿي جنهن ٻارڙي جي دماغ، دل ۽ جيري کي سخت متاثر ڪيو.

رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن دارالصحت اسپتال بروقت درست علاج ڪري ها ته ٻارڙي جو سر بچي پئي سگهيو، ان جي پوسٽ مارٽم لاءِ نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، حتمي رپورٽ نمونن جا نتيجا اچڻ کان پوءِ پيش ڪئي ويندي.

انڪوائري رپورٽ ۾ ۾ اسپتال ۾ صحت جي سهولتن جي فقدان جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ عملي جي تربيت ڪرائڻ به زور ڏنو ويو.

ان کان سواءِ نشوا جي پوسٽ مارٽم جي حوالي سان پوليس سرجن قرار عباسي جو چوڻ آهي ته نشوا جي جسم مان ورتل نمونا ڊائو يونيورسٽي موڪليا آهن جتان رپورٽ اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳندو.

پوليس سرجن چيو ته نمونن جا نتيجا اچڻ کان پوءِ پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ جاري ڪنداسين، دارالصحت ۽ لياقت نيشنل اسپتال مان به نشوا جو پٺيون ريڪارڊ گهرايو آهي جنهن جي مدد سان معاملي جو مڪمل جائزو ورتو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.