بلاول جي سياسي فلم شروع ٿيڻ کان پهرين ئي ختم…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته بلاول جي سياسي فلم اسڪرين تي اچڻ کان پهرين ئي فلاپ ٿي چڪو آهي.

بلاول ڀٽو جي بيان تي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ مان به ختم ٿي رهي آهي، دانهون ڪون ڪون ڪندي مرندڙ سياست جيئري نٿي رهي سگهي، بلاول جي سياسي فلم اسڪرين تي اچڻ کان پهرين ئي فلاپ ٿي چڪي آهي، بلاول پاڪستان جي غريبن جي ٻارن جي فيسن جي پيسي تي تعليم حاصل ڪئي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اصل موضوع کي سياسي نمبر اسڪورنگ لاءِ استعمال ڪرڻ افسوس ۽ مذمت جوڳو آهي، وزير اعظم عمران خان ملڪن ۾ معاشي ۽ اقتصادي سهڪار تي ڳالهه ڪئي پر ڪرپشن جي پيسي تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ کي ابو، پڦي ۽ انڪلز جي ڦرلٽ نظر نٿي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.