سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ کبڙ خان سهتو ۾ شادي شده ناري کي ٻيهر پرڻو نه ڪرڻ تان لالچي پيءَ ۽ ڀائرن وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو.
ناري جو ٻيو پرڻو ڪرڻ کان انڪار واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائر ٿيڻ کانپوءِ به ڪنهن نوٽيس نه ورتو.
سوشل ميڊيا تي وائر ٿيل ويڊيو ۾ ناري ٻي شادي انڪار ڪندي اوڇنگارون ڏئي روئي رهي آهي.
ٻي پاسي گهر ۾ باندي بڻايل ناري جي ڀاءُ مشتاق ۽ ڀاڄائي انيلان سهتو دانهيندي چيو ته بشيران کي گهر ڀاتي قيد ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ٻي شادي ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن.
سندن چوڻ هو ته هنن گهر ڀاتين جي اهڙي سلوڪ بابت پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته معاملي نوٽيس وٺي بشيران جي حياتي بچائي کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي