اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان جي ايران جي دوري دوران دهشتگردي بابت ڏنل بيان تي اپوزيشن طرفان سخت گوڙ ڪيو ويو ۽ ايوان جي ڪارروائي کي به روڪيو ويو.
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ ٿيو ته گذريل ڏينهن جيان گوڙ شروع ٿي ويو، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائس سامهون گڏ ٿي گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
پ پ جي حنا رباني کر تقرير ڪندي چيو اهو ڪٿي به ناهي ٿيندو ته ڪير ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ۽ توهان ان ئي شخص کي ملڪ دشمن قرار ڏيو، اسان جو چونڊيل وزيراعظم ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي ته ماضي ۾ اسان جي سرزمين پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف استعمال ٿي آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي لاءِ نه پر ملڪ جو مذاق بڻجندي ڏسي پريشان آهي، حڪومت کي ملڪ جي قسمت سان کيڏڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، موجوده حڪومت جي غلطين سبب اسان دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهيون، موجوده حڪومت کي رياستي معاملا هلائڻ لاءِ جيڪڏهن ٽريننگ گهرجي ته اها اڳ ۾ ٽريننگ حاصل ڪري ۽ پوءِ ٻيهر چونڊجي پر هن ملڪ کي وڌيڪ شرمندو نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته نريندر مودي رياستي دهشتگردي کي استعمال ڪندي ڪشمير ۾ قتل عام ڪيو، ان تي پاڪستان جو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته مودي جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪشمير مسئلو حل ٿيندو.
حنا رباني کر جي تقرير جي جواب ۾ وفاقي وزير مراد سعيد کي تقرير ڪرڻي هئي پر ان دوران اپوزيشن جي گوڙ سبب کيس تقرير ڪرڻ نه ڏني وئي، پوءِ هن گوڙ دوران ئي تقرير شروع ڪري ڇڏي.
مراد سعيد چيو ته مودي کي پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي گهر ڪنهن گهرايو؟ جندال جي مري ۾ ڪنهن سان ملاقات ٿي؟ ڪهڙو وزيراعظم ڪلڀوشن جو نالو وٺڻ کان لڄي ٿيندو هو؟
هن چيو ته اهو حسين حقاني جيڪو پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندو هو، ان کي پ پ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير لڳائي ڇڏيو، جڏهن پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ته ان وقت بلاول ڀارت جو ڪيس وڙهيو.
بلاول خلاف تقرير ڪرڻ تي پ پ ميمبرن مراد سعيد خلاف نعريبازي ڪندي اسپيڪر ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
ان کان اڳ ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير وزيراعظم طرفان ايران ۾ ڏنل بيان تي مطالبو ڪيو ته عمران خان پنهنجي بيان بابت ايوان کي آگاهه ڪري.
هن چيو ته وزيراعظم ايران ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ اهو پاڪستان کي بيڪ فوٽ تي وٺي وڃڻ برابر آهي، وزيراعظم ان کان اڳ به اهڙي قسم جو بيان نيو يارڪ ٽائمز کي ڏنو هو پر اسان جو مطالبو آهي ته هو پنهنجي بيان بابت ايوان کي آگاهه ڪري.
انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مرازي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي بيان جي وضاحت پيش ڪندي چيو ته عمران خان جي دهشتگردي لاءِ پاڪستاني سرزمين استعمال ڪرڻ جي بيان کي مڪمل طور نه ڏٺو ويو، ان جو رڳو هڪ حصو ڏٺو پيو وڃي، پاڪستان ۾ پاڙيسري ملڪ جي سرزمين استعمال ڪندي ٻيو پاڙيسري دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، جنهن جو مثال تازو ڪوسٽل هاءِ وي تي پيش آيو واقعا آهن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران کي سرحد جي ٻنهي پاسن کان ڪالعدم تنظيمن کي ختم ڪرڻو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ ان حوالي سان هڪ معاهدو ٿيو آهي.
شيرين مزاري ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي سان ڊيل ن ليگ ڪئي هئي ۽ هي اهو ئي مودي آهي جيڪو رائيونڊ آيو هو، ان لاءِ اها پارٽي اڳ ۾ پنهنجي اندر جهاتي پائي.