رپورٽ : نوابشاهه: آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن  پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

*نوابشاهه ۾  آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن  پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

ملازمن   مراد علي چاچڙ، لقمان ٻگهيو، محمد علي جوڻيجو، جان محمد سولنگي، طالب حسين رند، شمس الدين هوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته 200 سيڪڙو ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي، مهنگائي جي حساب سان انهن جون پگهارون وڌايون وڃن، پي اسڪيل روائيز ڪيا وڃن، ميڊيڪل ۽ هائوس الائونس ۾ ڪم از ڪم 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، ۽ 100 سيڪڙو ڪنوينس الائونس وڌايو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته سندن سمورا مطالبا پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.