اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليو جي خاتمي لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار بابر عطا چيو آهي ته پشاور ۾ پوليو ڊرامي ۾ ملوث سمورا جوابدار جيل ۾ هوندا.
پشاور جي علائقي ماشوخيل ۾ گذريل ڏينهن پوليو جا ڦڙا پيئارڻ سان ٻارن جي طبعيت بگڙڻ جو ڊرامو سامهون آيو، جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن صحت مرڪز کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.
وزيراعظم جي خاص مددگار بابر عطا چيو آهي ته پوليو ڊرامي ۾ ملوث 12 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس چيف سان مسلسل رابطي ۾ آهيان ۽ سڄي صورتحال تي نظر آهي، جوابدار جلد جيل ۾ هوندا.