سجاول: بينويلنٽ فنڊ جا پئسا من پسند ماڻهن کي ملڻ خلاف احتجاج

*سجاول  ۾ مسڪين ماڻهن داهيندي چيو آهي ته  بينويلنٽ  فنڊ جا پئسا   رڳو من پسند ماڻهن کي ملن ٿا هو بينڪن  ۽ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو آهي .

مريم  ۽ ٻين ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته کين بينيوئل فنڊ جي رقم نه ملي رهي آهي

هنن دانهيو تھ من پسند ماڻهن کي  بينيوئل فنڊ ڏنو پيو وڃي، جڏهن تھ رشوت نھ ڏيڻ سبب کين فنڊ نھ پيو ڏنو وڃي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندن فنڊ جاري ڪيا وڃن……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.