پاڪ بحريا جو وڌيڪ هڪ ڪامياب تجربو…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا اتر عربي سمنڊ ۾ سمنڊ کان سمنڊ ۽ سمنڊ کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

پاڪ بحريا جي ترجمان موجب پاڪ بحريا اتر عربي سمنڊ ۾ ميزائل فائرنگ جو ڪامياب تجربو ڪيو، پاڪ بحريا جي فاسٽ اٽيڪ ڪرافٽ سمنڊ جي سطح کان زمين تي ميزائل فائر ڪيو، جنهن پنهنجي هدف کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو.

ترجمان ٻڌايو ته ميزائل کي مقامي سطح تي تيار ڪيو ويو آهي، اهو ميزائل سمنڊ کان سمنڊ ۽ سمنڊ کان زمين تي مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، عربي سمنڊ ۾ ميزائل فائرنگ جو اهو ڪامياب تجربو پاڪستان جي جديد هٿيار سازي ۽ پاڪ بحريا جي آپريشل صلاحيت جو چٽو ثبوت آهي.

ترجمان جي بقول پاڪ بحريا جي وائس چيف آف نيول اسٽاف وائس ايڊمرل ڪليم شوڪت پي اين ايس مددگار سان ميزائل فائرنگ جو مشاهدو ڪيو ۽ ميزائل سسٽم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ انجنيئرز ۽ ريسرچرز جي خدمتن کي ساراهيندي پاڪستان نيوي فليٽ جي آپريشن تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.