*حيدرآباد ۾ شادي لارج جي رهواسي هارين، مقامي زميندار خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي مصري ۽ ٻين ٻڌايو ته هو مقامي زميندار وٽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي هارپو ڪندا آهن، پر زميندار ساڻن ڪڏهن فصل جو حساب ناهي ڪيو
هن ٻڌايو ته فصل جڏهن تيار ٿيندو آهي ته زميندار اهو کڻائي هليو ويندو آهي ۽ کين چوندو آهي ته توهان هن جا قرضي آهيو.
هنن ٻڌايو ته زميندار کين علاج ڪرائڻ لاءِ به پيسا نٿو ڏئي ۽ نه ئي سندن ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ڏئي ٿو، فصل جو حساب نه ملڻ ڪري هو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، پنهنجو حق گهرڻ تي زميندار کين جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو
هنن ٻڌايو ته ، حد جي پوليس به زميندار سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري سندن دانهن نٿي ٻڌي وڃي.
هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي زميندار خلاف ڪارروائي ڪري کين فصل جو حساب ڏياريو وڃي…….