اوٻاوڙي ۾ ڊگري ڪاليج ڄام ممتاز ڏھر جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن پاران احتجاج ڪيو ويو .
شاگردن فيض الله سميجو ثمر عباس شاه هشمل شاه نعمان نهڙ جي اڳواڻي ۾ پرنسپل خلاف مظاهرو ڪيو .
ان موقعي تي شاگرد ن جو چوڻ هو ته پرنسپل پنجاب جي شاگردن کان پئسه وٺي ڪاپي ڪرائي رهيو آھي جيڪا مقامي شاگرد ن سان زيادتي آھي.
شاگردن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪرائي پرنسپل خلاف ڪاروائي ڪري مقامي شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.