رپورٽ : ميرپورخاص: سينيئر صحافي سرڳواسي امر جيرام مالھي جي پھرين ورسي تقريب

ميرپورخاص ويجهو  ڪوٽ غلام محمد ۾ سينيئر  صحافي سرڳواسي امر جيرام مالھي جي پھرين ورسي ملهائي وئي.

جيرام مالھي جي آتما کي شانتي ڏيارڻ لاء سندس گھر ۾ پوڄا پاٺ ڪري پرشاد ورھايو ويو جڏھن ته ورسي جي مک تقريب نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد ۾ ٿي۔ جنھن ۾ شاعرن، اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندس تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڳل نڇاور ڪري صحافي کيتر ۾ ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 تقريب کي خطاب ڪندي پرتاب مالھي، سريش مالھي، مقبول دل، عبدالرزاق خاصخيلي، علي غلام کوسو، رمضان ڀنڀرو، حاجي عبدالرشيد پريمي، صالح راجپوت، ڊاڪٽر عبدالرزاق خاصخيلي، سيڪريٽري ساس  بخش علي جت، اڳوڻو سيڪريٽري ساس ڪوٽ غلام محمد غلام مرتضيٰ ڪالرو، حسن نوشاد، پ پ تعلقه صدر حاجي رفيق احمد ڀرگڙي، روشن علي ٿيٻو، ڪولھي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رازو مل، قومپرست اڳواڻ رياض لغاري، ادريس سنھڙو ۽ ٻين چيو ته امر جيرام مالھي ھڪ تاريخي ڪردار جو نالو آھي۔ سندس ڪردار ھميشه بي داغ رھيو۔ جيرام مالھي صحافت جا ڪئي مختلف دور ڏٺا پر سندس حوصلا ھميشه بلند رھيا.

 هنن چيو ته ، جيرام مالھي ڪڏھن به ڏاڍ ۽ جبر آڏو ھار نه مڃي، ھۡن ھميشه ظالم سان اکين ۾ اکيون کڻي للڪاريو ۽ غريب مسڪينن جو آواز بڻيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.