تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ پنجين ڇهين ۽ ستين درجي جي شاگردن جا امتحان شروع ٿي ويا آهن .
ان موقعي تي ٽي او سڪينڊر محراب چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته امتحاني مرڪزن تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته فرنيچر جي کوٽ ختم ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ 42 سينٽرن تي امتحان سٺي نموني هلي رهيا آهن ڪٿي نقل جي شڪايت نه ملي آهي .