فواد چوڌري اصغر خان ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي رويي کي حيرت جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري اصغرخان ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي رويي کي حيرت جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن ۾ ملوث ماڻهن کي سزا جهموريت ۽ شفاف چونڊن جي بنياد آهي، ڪيس ۾ ائين نه ٿيو ته اها وڏي بدقسمتي هوندي.

تفصيل موجب سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اصغر خان ڪيس جي حوالي سان چيو آهي ته اصغر خان ڪيس ۾ ايف آءِ رويو حيران ڪندڙ آهي، گهرو وزير کي لکيو آهي ته ايف آءِ اي جو موقف پي ٽي آءِ جي موقف جي ابتڙ آهي.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي سزا جهموريت ۽ شفاف چونڊن جي بنياد آهي. ڪيس ۾ ائين نه ٿيو ته اها وڏي بدقسمتي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.