لاهور/بنون ( ويب ڊيسڪ ) پوليو مهم دوران ٽيمن تي حملن ۾ پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ ڪارڪن سخت زخمي ٿي پيو آهي.
رپورٽن موجب بنون جي ڊوميل ٿاڻي ۾ مقرر اي ايس آءِ عمران پوليو مهم دوران رضاڪارن جي سيڪيورٽي جي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل ماڻهن مٿس فائرنگ ڪري ڏني.
واقعي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ عمران ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ٻئي پاسي لاهور جي علائقي ڀمبي جهگيان ۾ پنجن ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندڙ رضاڪارن لقمان کي عبدالله نالي شخص ڇرين جا واري ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. علائقي واسين جوابدار کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.