رپورٽ:نوشهروفيروز: ڳوٺ هاشم ڦل جي رهواسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوشهروفيروز  ويجهو  ڳوٺ هاشم ڦل جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقي تي ڳوٺاڻي غلام مرتضيٰ ڦل ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ۾ رهندڙ محمد اسماعيل، دين محمد، شاهد ۽ اظهر ڦل ڪجهه عرصو اڳ بٺي هڻن لاءِ زمين جي ٽڪري گهري .

هن ٻڌايو تھ هنن کي روزگار لاءِ اسان زمين جو ٽڪرو ڏنوسين تھ هو ڀل روزگار ڪن، پر هاڻي هنن  زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي.

سندن چون هو تھ  جڏهن هنن کي قبضو خالي ڪرڻ لاءِ چيو ته بااثرن سندن  سئوٽن نثار ۽ يار محمد جي گهرن جا دروازا بند ڪري انهن کي يرغمال بڻايو .

هنن چيو ته ڄاڻايل ماڻهن سان ضلع چيئرمين وٽ فيصلو به ٿيو آهي ۽ ضلع چيئرمين پڻ کين زمين واپس ڪرڻ جو حڪم ڪيو پر هاڻي قبضو ڪندڙ فيصلو مڃڻ لاءِ به تيار ناهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  ڄانايل ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي کين زمين واپس ڏياري  انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……….

رپورٽ- ايم ظفر تڳر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.