ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ احمد ٿيٻو ۾ رهندڙ مختلف بردارين جي رهواسين پاران بااثر جي مبينا زيادتين ۽ ڳوٺ مان زوري لڏائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
رهواسين سماجي اڳواڻ رفيق ميمڻ، ممتاز زئنور، انوعلي ٿيٻي، منور لغاري، نظيرچانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي بدين- حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.
رهواسين جي احتجاج سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون آهن ، جڏهن تھ مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ان موقعي اڳواڻن چيو تھ سندن قديمي ڳوٺ 400 گهرن تي مشتمل ۽ 100 سالن کان آباد آھي جنهن تي بااثر ڌريون قبضو ڪرڻ چاهن ٿيون.
احتجاج ڪندڙن چيو تھ رهواسين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين حراسان ڪيو پيووڃي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ماملي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني قدم کڻي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………..