نريندر مودي کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻ جي ضرورت آهي: سني ديول

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چونڊن دوران بالي ووڊ جون گھڻيون ناليواريون شخصيتون پنهنجي فلمي ڪيريئر سان گڏوگڏ سياست ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن،۽ هاڻي اداڪار سني ديول به ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جو حصو بڻجي ويو.

سني ديول نئين دهلي ۾ بچاءَ واري وزير نرملا سيتا رمن ۽ ريلوي وزير پيوش گوئل جي موجودگي ۾ بي جي پي جي شموليت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کانپوءِ اداڪار سني ديول جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ نريندر مودي کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻ جي ضرورت آهي. جهڙي ريت منهنجو پيءُ اٽل جي سان گڏ رهيو اوڙهيءَ ريت آئون به مودي جو ساٿ ڏيڻ آيو آهيان.

اداڪار جو چوڻ هو ته آئون بي جي پي لاءِ جيڪو به ڪري سگھيس ڪندس، مان ڳالهيون نه ڪم ڪندس. ان موقعي تي نرملا سيتا رمنا جو چوڻ هو ته سني ديول جي بي جي پي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ مون کي سندس جي فلم بارڊر جي ياد ڏياري ٿي، بارڊر جهڙي فلم مان ئي اندازو ٿئي ٿو ته سني ديول حب الوطني کي ڪيترو سمجهندو آهي، مونکي گھڻي خوشي ٿي رهي آهي ته سني ديول جهڙو اداڪار بي جي پي جو حصو بڻيو.

واضح رهي ته سني ديول جو پيءُ اداڪار ڌرميندر ۽ هيمامالني ٻئي بي جي پي جو حصو رهيا آهن. رپورٽن موجب امڪان آهي ته سني ديول پنجاب جي ضلعي گروداس پور جي سيٽ تان اليڪشن وڙهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.