پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ حڪمت عملي تيار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف احمد خان سياسي پارٽين جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ قبائلي علائقن ۾ چونڊ بابت ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبرن ۽ سياسي پارٽين  جي اڪائونٽن جا تفصيل به بئنڪ مان حاصل ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽين جي اڪائونٽن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ جو ڪم جاري آهي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سياسي پارٽين جي اثاثن جي ڇنڊ فناسنگ ونگ ڪري رهي آهي. ترجمان چيو ته فاٽا ۾ چونڊن جي تياري جاري آهي، جلد چونڊون ٿينديون، فاٽا ۾ تڪبندين جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ اسان کي هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.