منيلا ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن ۾ 6.1 جي شدت سان آيل زلزلي وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب فلپائن جي گادي واري شهر منيلا جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ 6.1 جي شدت سان آيل زلزلي جي لوڏن سبب وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. مقامي اختيارين هنيئر تائين يارنهن ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي هئڻ جي صديق ڪئي آهي. زلزلي ۾ ايئرپورٽ جي عمارت کي سخت نقصان پهتو آهي، سول ايوي ايشن اڏامون منسوخ ڪري ايئرپورٽ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري سوين مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. زلزلي ۾ تاريخي جاين کي به نقصان پهتو آهي ۽ تاريخي جاين ۾ ارڙهين صدي جڙي راس ٿيل سينٽ ڪيترين آف اليگزينڊر چرچ کي به سخت نقصان پهتو آهي. اهو چرچ سڄي دنيا ۾ پنهنجي خوبصورتي جي ڪري مشهور آهي ۽ ان کي بيل ٽاور جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. متاثر علائقن ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا جنهن جي ملبي هيٺ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا آهن. ريسڪيو اداري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته امدادي ڪمن دوران مڙهه ملڻ جو سلسلو جاري آهي، روڊن کي ڪليئر ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي. موسميات واري کاتي بنا سبب گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪيو آهي.