پاڪستان کي بجلي ڏيڻ جي آڇ، ايران خلاف پاڪستاني سرزمين استعمال ٿي : عمران خان

تهران ( م ڊ ) پاڪستان ۽ ايران دهشتگردي خلاف جوائنٽ ريپڊ ري ايڪشن فورس بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته ايران پاڪستان کي ڏهوڻ تي وڌيڪ بجلي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. تهران ۾ وزيراعظم عمران خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ٻه طرفن لاڳاپن تي هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن تي ڪو ٽيون ملڪ اثرانداز نه ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم عمران خان سان سرحدن تي سڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون آهن ڇو ته سرحدن تي دهشتگرديءَ جي واقعن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  ايراني صدرچيو ته سرحدن تي سڪيورٽي لاءِ گڏيل ريپڊ فورس بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سرحدن تي سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران گئس پائپ لائن تي به ڳالهيون ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته ايران پنهنجي سرحد تائين پائپ لائن وڇائي ڇڏي آهي، ايران پاڪستان کي ڏهوڻ تي وڌيڪ بجلي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردي سبب ٻنهي ملڪن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿيون، ٻنهي ملڪن ۾ فاصلن کي ختم ٿيڻ گهرجي.ايران پاڪستان جون بجلي، گئس ۽ تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستاني اختيارين سان آمريڪا طرفان غلط قدمن تي به ڳالهيون ٿيون، عمران خان خاطري ڪرائي آهي ته هو ڪنهن به جنگي اتحاد جو حصو نه بڻجندا، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ گڏيل ڪميٽي به جوڙڻ گهرجي ته جيئن ٻه طرفو واپار وڌائي سگهجي، ايران پاڪستان جي بندرگاهه گوادر کي ايران جي بندرگاهه چاهه بهار سان ريل رستي جوڙڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، صدر روحاني چيو ته ايران پاڪستان ۽ ترڪي استنبول کان اسلام آباد وايا ايران ريل سروس شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن يورپ کي پاڪستان ۽ چين سان ريل رستي جوڙي سگهجي،وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستاني عوام ۽ فورسز دهشتگردي خلاف ڀرپور جنگ وڙهي، نيٽو ۽ ڀرپور فوجي طاقت باوجود افغانستان ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن خلاف به پاڪستاني ڌرتي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستاني ڌرتي بابت فيصلو گڏيل ۽ اسان جي مفاد ۾ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن ۾ وڇوٽيون وڌائي رهيو آهي، پاڪستاني ڌرتي تان ايران کي نقصان پهچڻ نه ڏينداسين. بي بي سي موجب عمران خان اعتراف ڪيو ته ايران خلاف دهشتگردي ۾ ملوث عنصر پاڪستان جي سرزمين استعمال ڪندا رهيا آهن،  سيڪيورٽي جا سربراهه پنهنجي ايراني هم منصب سان ملندا ۽ ان سلسلي ۾ تفصيل طئي ڪندا، اسان پنهنجي سرزمين تان توهان کي ڪو به نقصان پهچڻ نه ڏينداسين ان کان اڳ  وزيراعظم عمران خان جي ايران جي صدارتي محل سعد آباد پيلس پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو سعد آباد پيلس پهچڻ تي ايراني صدر حسن روحاني وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا ۽ وزيراعظم عمران خان گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي ،جنهن ۾ خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.هوڏانهن گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو، ٻئي ملڪ دهشتگردي، منشيات، مني لانڊرنگ، انساني اسمگلنگ خلاف رابطي ۾رهندا،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.