العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيه ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، نيب کي پيپر بڪس ۾ مڪمل رڪارڊ 9 مئي تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.  العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي اسلام آباد جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ٽرائل ڪورٽ ڪو دستاويز رڪارڊ جو حصو نه بڻايو آهي ته ان کي هتي نه ٿو پڙهي سگهجي، گهڻا دستاويز موجود نه آهن ۽ نه پيپر بڪس ۾ رڪارڊ مڪمل آهي، پيپر بڪ کي اڃا به درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، پيپر بڪ ۾ سليڪٽڊ رڪارڊ لڳل آهي. هن چيو ته عدالت کي نامڪمل رڪارڊ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. خواجه حارث نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته رڪارڊ تي مڪمل اچڻ گهرجي. عدالت نيب کي پيپر بڪ تيار ڪرڻ ۽ پيپر بڪس ۾ مڪمل رڪارڊ ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نواز شريف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.