ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري معصوم نينگري فوت ٿي وئي، پوليس ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ورتو، گذريل سومر واري رات ديرسان ڪراچي جي ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ واقع هڪ نجي ڪلينڪ تي 4 ورهين جي رضيه ڌيءَ اختر عمر کي تيز بخار سبب آندو ويو جتي نينگري کي ڊاڪٽر انجيڪشن لڳائي ته هوءَ فوت ٿي وئي، هوڏانهن پوليس ڊاڪٽر عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي، فوتي نينگري جي پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته رضيه کي تيز بخار هجڻ ڪري ڊاڪٽر عمران جي ڪلينڪ تي کڻي آيا سين هن نينگري کي هڪ انجيڪشن لڳائي جنهن ۾ هوءَ فوت ٿي وئي، اسان جڏهن ڊاڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڌمڪيون ڏيندي چيو ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو پوليس کي موڪليو، ٻئي پاسي نينگري لاش جو جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي،