ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ جاپان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جاپان پاڪستان پارليامينٽري فرينڊشپ ليگ جي چيئرمين مسٽر سشر وايٽو کي سندس وڏي پئماني تي خدمتن جي اعتراف ۾ اعليٰ سول اعزاز هلال پاڪستان سان نوازيو ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جاپان جي گادي واري هنڌ ٽوڪيو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير جاپان پاڪستان پارليامينٽري فرينڊ شپ ليگ جي چيئرمين مسٽر سشرو ايٽو کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان اعزاز سان نوازيو ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته مسٽر سشوو ايٽو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ نهايت فعال ڪردار ادا ڪندي اچي رهيو آهي، جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري قائم ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي.