لاهور(م ڊ) حڪومت مخالف نعريبازي دوران ن ليگ جي پنجاب اسيمبلي جي عورت ميمبر عظميٰ بخاري جي زبان ٿڙي پئي ۽ ” گو نواز گو“ جو نعرو هڻي ڇڏيو، تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ٻاهريان حڪومت مخالف نعريبازي دوران ليگي ايم پي اي عظميٰ بخاري جي زبان ٿڙي وئي، هن گو عمران گو بدران ” گو نواز گو” جو نعرو هڻي ڇڏيو، زبان ٿڙڻ تي ساٿي ميمبرن کيس ٽوڪيو ته عظميٰ بخاري فوري طور رڪجي وئي ۽ نعرو پورو نه ڪري سگهي، احتجاجي مظاهري ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز به موجود هو.