صحافي مشتاق سرڪي وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر)شاهراهه فيصل پوليس سينيئر صحافي مشتاق سرڪي سميت ٻين کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کان وڌيڪ رمانڊ گهريو .عدالت 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. يادرهي ته گذريل ڏينهن مقامي عدالت مان هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ ورتو هو .مشتاق سرڪي تي 6 ڪيس داخل آهن، جنهن ۾ زمينن تي قبضي سميت ٻيا ڪيس شامل آهن .عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ پ پ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ايڊووڪيٽ پير مظهر الحق مشتاق سرڪي سان ملاقات ڪري سندس ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.