ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سي ٽي ڊي ڪارروايون ڪندي ٻن ٽارگيٽ ڪلرن سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سي ٽي ڊي ڪاررواين دوران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ سعيد ابرار شاهه، ڪامران عرف برقتي، زاهد، توحيد احمد شامل آهن، ٽارگيٽ ڪلر توحيد احمد جو تعلق مذهبي سياسي پارٽي سان آهي جڏهن ته جوابدار توحيد احمد ٻن اهلڪارن سميت پنجن ڄڻن کي قتل ڪري چڪو آهي، ٽارگيٽ ڪلر محمد زاهد جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.
جوابدارن کي مڇر ڪالوني، لائنز ايريا، سرجاڻي ٽائون، شاهه فيصل مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته جوابدار محمد زاهد 12 مئي سانحي ۽ قتل جي واردات ۾ گهربل هو، جوابدار ڪامران عرف برقتي جو تعلق مذهبي جماعت سان آهي. ترجمان موجب جوابدار سال 2013ع کان پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل هو، جوابدار ابرار شاهه ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث آهي.