ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مختلف بار ايسوسيئيشنز ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي. سنڌ ۽ پنجاب وڪيل هڪٻئي آمهون سامهون ٿي ويا آهن. گڏيل قرارد جي متن موجب ڪجهه طاقتون عدليا تي پنهنجي دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿيون. پنجاب بار ڪٺ پتلي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سٺي ساک رکندڙ جج آهي، ان کي ڪوئيٽا ڪميشن جي ڪري نشانو بڻايو پيو وڃي. پنجاب بار ڪائونسل فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف قرارداد منظور ڪئي آهي.0430