سکر( رپورٽ: اظھر علي دايو) سنڌ جي تعليم کاتي ڪاپي تي ضابطو نه آڻڻ ۽ مدد جا الزام هڻي ڊويزن جي 66 استادن کي معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي سکر ڊويزن جي سکر ، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن جي مختلف اسڪولن جي 66 استادن کي امتحانن دوران ڪاپي تي ضابطو نه آڻڻ ۽ مدد ڪرائڻ جا الزام هڻي نوڪرين تان معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطل ٿيل استاد نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي ايڪسٽرنل، انٽرنل ۽ انويجيليٽر مقرر ٿيل هئا، معطل ٿيل 66 استادن ۾ سڀ کان وڌيڪ خيرپور ضلعي جا 45 استاد شامل آهن. سکر ضلعي جا 10 ۽ گھوٽڪي ضلعي جا 11 استاد معطل ڪيا ويا آهن. هنڱورجا هاءِ اسڪول جا 10 سيٺارجا جا 7، ديھه سوهو جا 5، ڀيلار ، پنو عاقل ، گھوٽڪي جا 4، 4 ڪنب ، چونڊڪو، ستابو واهڻ ۽ جادو واهڻ جا 3 ، 3 استاد معطل ڪيا ويا آهن. سکر تعليمي بورڊ جي ڪاپي روڪ ۽ ڇاپا لڳائيندڙ ٽيمن نائين ۽ ڏهين جي امتحانن دوران مختلف امتحاني مرڪزن جا دورا ڪرڻ بعد انهن استادن تي ڪاپي ۾ مدد ڪرڻ ۽ ڪاپي تي ضابطو نه آڻڻ جا الزام لڳائيندي سندن خلاف قدم کڻڻ جي تجويز ڏني هئي. تعليم کاتي جي سيڪنڊري شعبي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر جمال الدين جلالاڻي جي صحي سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ عبدالقدوس بلو، مشتاق احمد ڌاريجو، محمد حسين بلو، عبدالعزيز، محمد قاسم، عبدالشڪور ملڪ، صحبت علي مهر، رحمت الله ميراڻي، عطاءُ الله ڀيو، فياض احمد، مهتاب علي، ذولفقار علي، غلام رضا، منظور احمد، غلام مصطفيٰ ، قائم الدين سهتو، محمد يوسف، علي محمد شنباڻي، اشوڪ ڪمار، رحيم بخش ميمڻ، ضمير احمد تنيو، عزيزالله کهڙو، ذوالفقار علي ڪانهر، ڪاظم حسين چنو، تيمور علي خاصخيلي، خميسو خان گوپانگ، محمد ايوب بگٽي، جاويد علي ۽ عبدالجبار کي معطل ڪيو ويو آهي.