سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گرفتاري خلاف والاريل ڪشمير ۾ اڄ مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب گڏيل حريت قيادت جي سڏ تي والاريل ڪشمير ۾ ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند آهن جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ نه هئڻ برابر آهي. ڪي ايم سي موجب هڙتال جو مقصد ياسين ملڪ سان ٻڌي جو اظهار، نيشنل هاءِ وي جي بندش ۽ واپار جي معطلي تي احتجاج ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي ڀارت جي 13 رياستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ ٻن علائقن ۾ پارلياماني چونڊن جي ٽئين مرحلي لاءِ ووٽنگ جاري آهي جڏهن ته ڪشميرين نالي ماتر چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.