ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڳي عاطف اسلم هندو انتهاپسندن جي هوڏ ۽ ڀارتي ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز طرفان يوٽيوب تان سندس جا گيت هٽائڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پلوامه واقعي کان پوءِ هندوانتهاپسندن بغض رکندي ٽي سيريز سميت ڀارت جي مشهور ميوزڪ ڪمپنين کي پاڪستاني راڳين عاطف اسلم، راحت فتح علي خان جا گيت يوٽيوب تان هٽائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، جڏهن ته مستقبل ۾ انهن ڪمپنين تي پاڪستاني فنڪارن سان ڪم نه ڪرڻ جو دٻاءُ وڌو ويو هو.
انتهاپسندن جي ڌمڪين کان پوءِ ٽي سيريز سميت ٻين ميوزڪ ڪمپنين پنهنجي يوٽيوب چينلن تان پاڪستاني راڳين جا گيت هٽائي ڇڏيا هئا ڪپنين جي ان قدمن تي سخت ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪندي چينلن کي ان سبسڪرائب ڪيو ويو هو.
تازو ئي هڪ انٽرويو دوران جڏهن عاطف اسلم کان ان بابت پڇيو ويو سندس جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ مونکي ماڻهن طرفان گھڻي محبت ملندي آهي. مونکي ذاتي طور تي ان جا سبب خبر ناهن ته منهنجا گيت يوٽيوب تان ڇو هٽايا ويا ۽ پوءِ هنن ڇو اپلوڊ ڪيا ويا. پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن ۾ منهنجا چاهيندڙ گھڻا آهن، جن جو انگ نمبرن ۾ به گھڻو آهي تنهنڪري مونکي لڳندو آهي ته شايد اهو مداحن جو جواب آهي.