شگر جا مريض هنن ڳالهين جو خيال ڪن

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا هڪ عالمي سروي رپورٽ ۾ چيو ته گڙدن جي مريضن جو انگ وڌڻ جو هڪ وڏو سبب شوگر ۽ ٿولهه جو مرض آهي. ان ڪري رت ۾ شگر جي مقدار کي سختي سان ڪنٽرول ڪري سموري دنيا ۾ گڙدن جي مرض جي بار کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو. هن وقت شوگر سبب لکين مريض گڙدن جي هڪ شديد مرض جو شڪار آهن جنهن کي اينڊ اسٽيج ڪڊني ڊيزيز (اي ايس ڪي ڊي) چيو ويندو آهي.

2030 ۾ سموري دنيا ۾ ان جي مريضن جو انگ 14 ڪروڙ 50 لکن تائين پهتو آهي پر افسوس اهو آهي ته انهن مان رڳو 55 لک مريضن کي ئي طبي سهولتون فراهم ٿي سگھنديون آهن جنهن جو سبب غربت، ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي کوٽ، لاپرواهي آهي ڇو ته مريضن جي اڪثيريت جو واسطو غريب ملڪن سان آهي.

اي سي ڪي ڊي جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جنهن جي پر سموري دنيا ۾ گھڻن گھٽ مريضن کي ڊائلاسس ۽ مناسب طبي سهولتون حاصل آهن.

انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرولوجي ان ڳالهه جو انڪشاف 160 ملڪن ۾ تفصيلي سروي کان پوءِ ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هر سال 20 لک ماڻهو گڙدن جي مرض سبب مري رهيا آهن جن جي اڪثيريت غريب ملڪن ۾ رهندي آهي.

گھٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اي ايس ڊي ڪي رڳو 4 سيڪڙو مريض ئي پنهنجو علاج ڪرائي سگھندا آهن ڇو ته سرڪاري طور تي ايتري مهانگي علاج جون سهولتون فراهم ناهن ڪيون وينديون ۽ خانگي اسپتالن ۾ ان جو علاج گھڻو مهانگو هوندو آهي. سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شوگر جي تيزي سان وڌڻ سبب گڙدن جو مرض به وڌي رهيو آهي. سال 2001ع کان 2014ع جي وچ ۾ ٿائيلينڊ ۾ گڙدن جي مرضن ۾ 1000 سيڪڙو، فلپائن ۾ 190 سيڪڙو ۽ ملائشيا ۾ 16 سيڪڙو وڌيو آهي.

هن وقت دنيا ۾ 16 ڪروڙ اهڙا ماڻهو اهڙا آهن جن کي ٽائپ ٽو شوگر کان پوءِ ئي بڪين جو مرض ٿيو ۽ جيڪڏهن رت ۾ شوگر جي مقدار کي برقرار رکيو وڃي ته ان سان مرض ۾ هڪ ڏهائي گھٽتائي ڪري سگھجي ٿي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.