پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽينٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي ڊي جي جوائنٽ اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل نعمان کي آءِ جي ڪميونيڪشن اينڊ آءِ ٽي مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل ساحد وائس چيف آف جنرل اسٽاف جون ذميواريون جاري رکندو جڏهن ته ليفٽيننٽ عدنان کي بهاولپور جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.