رپورٽ:پٿورو: يارهين ۽ ٻارهين جي امتحان دوران انتظاميھ جا ڪاپي کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم

وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي پٿورو  جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جي امتحاني مرڪز ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن.

استادن ۽ انتظاميھ پاران شاگردن جي  مڪمل طور تلاشي وٺي  کين امتحاني سينٽرن ۾  ڇڏيو پيو وڃي، جڏهن تھ تلاشي دوران ڪيترن ئي شاگردن کان ڪاپي ڪڍي وئي ۽ موبئل فونون پڻ ورتيون ويون.

سينٽر ٻاهران پوليس پڻ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن تھ غيرواسطيدار ماڻهو کي سينٽر ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ناهي.

بورڊ پاران مقرر ٽيمن ،  ويجيلنس ٽيمن ۽ اسٽنٽ ڪمشنر،   مختيار ڪار پاران  سينٽر  جو پڻ دورو ڪري مائنو رپورٽ-محمد اقبال نهڙيو

********

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.