رپورٽ:خيرپور: مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن ۽ تپيدارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

خيرپور   ۾  مختيارڪار آفيس جي ڪلارڪن ۽ تپيدارن مطالبن جي مڃتا لاءِ  آفيسن جي تالا بندي ڪري  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

تپيدارن ۽ ڪلارڪن آفيسن جي تالا بندي ڪري  آصف اڄڻ،  شيراز ڦلپوٽي، ممتاز گهمري،  محمد علي مڱڻهار ، ڀوري جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  روينيو ڊپارٽمينٽ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو تھ تپيدارن ۽ ڪلارڪن کي 1947 کان وٺي هن محل تائين ڪجهه به نه مليو آهي،  نه ٽائيم اسڪيل نه وري الائونس ڏنا ويا آهن.

 سندس چوڻ هو تھ  پنجاب ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ کي هر سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي پوءِ سنڌ جي ڪلارڪن ۽ تپيدارن سان زيادتي ڇو پئي ڪئي وڃي.

هنن  وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  پگهارون،  الائونس، ٽائيم اسڪيل پنجاب جيان  ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي…………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.