*خانپورمهر ويجهو خانڳڙهه جي مختلف پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪولن جي مرمت ۽ اسڪولن ۾ وڌيڪ ڪمرا ٺاهڻ لاءِ تعليم کاتي پاران جاري ڪيل لکين روپين جا فنڊ ٺيڪيدار ڪاغذي ڪارروائي ڏيکاري هڙپ ڪري فرار ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن ،استادن ۽ شاگردن جو احتجاج،نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ادارن کان ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
خانڳڙهه جي بوائز پرائمري اسڪول علي مهر،گرلس پرائمري اسڪول،علي مهر،بوائز پرائمري اسڪول ڪوڙل شاهه،گرلس پرائمري اسڪول ولومهر ،پرائمري اسڪول غلام محمد ڪلادي۽ ٻين اسڪولن جي مرمت لاءِ تعليم کاتي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل لکين روپين جا فنڊ ٺيڪيدار ڪاغذي ڪارروائي ۾ هڙپ ڪري ويو، اسڪولن جو مرمتي ڪم اڌ ۾ پيل آهي ،ڪرايل ڪم ۾ پڻ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو
ڳوٺ علي مهر جي اسڪول جي هيڊ ماستر نذيراحمد ڪلادي ،ڳوٺاڻن عبدالمجيد مهر ،نصرالهه مهر ،اسڪولي شاگردن توڙي شاگردياڻين اسڪول ٺيڪيدار رفيق ڪلوڙ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي مظاهرين چيو ته تعليم کاتي سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل اسڪولن جي بلڊنگس جي مرمت ۽ وڌيڪ روم توڙي اسڪولن جي چوديواري ۽ٻئي مرمتي ڪم لاءِ اڍائي ڪروڙ روپين جا ٺيڪا منظور ڪري ٺيڪيدار رفيق ڪلوڙ کي رقم پڻ جاري ڪئي ٺيڪيدار رفيق ڪلوڙ ڄاڻايل اسڪولن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري اڌورو ڪم ڪري ڪاغذي ڪاروائي ۾ ڪم مڪمل ڏيکاري لکين روپيه فنڊ هڙپ ڪري فرار ٿي ويو آهي.
هنن چيو ته اسڪولن جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري شاگردن توڙي شاگردياڻين کي پڙهائي ۾ سخت تڪليف ٿئي ٿي اسڪولن کي چوديواري ناهي ،ڪمرا گهٽ هئڻ ڪري ٻارڙا گيلري ۾ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهوليت ناهي .
ڳوٺاڻن ،استادن توڙي شاگردن نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ادارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪرپٽ ٺيڪيدار رفيق ڪلوڙ خلاف ڪارروائي ڪري اسڪولن جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگهن…………………